شيخ محمد اسلم 2

شيخ، محمد اسلم 2: محمد اسلم ولد حاجي رضا محمد شيخ پهرين مئي 1951ع تي شهدادڪوٽ شهر ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم شهدادڪوٽ مان ورتائين. بي. ايس. سي ۽ ايل. ايل. بي سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ادارن مان پاس ڪيائين. محمد اسلم پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات استادي پيشي سان ڪئي، پاڻ 1971ع کان 1973ع تائين ٻه سال ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ ۾ سائنس ٽيچر رهيو. ان بعد وڪالت شروع ڪيائين، نومبر 1995ع تائين وڪيل رهيو ۽ 1995ع ۾ وڪالت دوران ڪميشن پاس ڪري ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ائنڊ سيشن جج مقرر ٿيو. شيخ محمد اسلم 1970ع کان ادبي دنيا ۾ پير پاتو، کيس مضمون نگاريءَ سان گھڻو لڳاءُ هو. سندس ڪيترائي مضمون مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه شهدادڪوٽ شهر بابت سندس هڪ ڪتاب ’شاداب شهدادڪوٽ‘ ڇپجي چڪو آهي، جنهن ۾ شهر بابت هر قسم جي ڄاڻ مختصر نموني سان ڏني وئي آهي. ان کان علاوه شهدادڪوٽ شهر بابت هڪ ٻيو ڪتاب ’شهدادڪوٽ سونو ڪوٽ‘ جي نالي سان پڻ لکي چڪو آهي، ان کان علاوه مختلف موضوعن، جهڙوڪ: سيوهڻ جون يادون، سول قانون جو سنڌيءَ ۾ مختصر تعارف ۽ اتر ۽ لاڙ جي ٻولين ۾ فرق جو مشاهدو نالي ڪتاب پڻ لکيا اٿس. محمد اسلم شيخ سماجي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي، پاڻ هڪ سٺو مصنف، بهترين استاد، سماجي ورڪر پڻ رهيو آهي. انهن خدمتن جي مڃتا طور کيس وزارت سماجي بهبود طرفان اوارڊ پڻ ملي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.05.01  عيسوي

محمد اسلم ولد حاجي رضا محمد شيخ پهرين مئي 1951ع تي شهدادڪوٽ شهر ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حبيب نائچ
دين محمد سيد
سيد علي ثاني ٺٽوي
شيخ عبدالڪريم سنڌي
اين ايم عقيلي
جوهي چاولا
تسنيم يعقوب
ٻڍل بيگ ميرزا
محمد يوسف سرهيو
ڄاموٽ شفقت حسين شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون